welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسحاق ڊار ۽ چين هڪ بين الاقوامي ثالثي تنظيم قائم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

ھانگ ڪانگ:(جمعو 30 مئي 2025ع)پاڪستان، هانگ ڪانگ ۾ ٿيندڙ عالمي ٽياڪڙي تنظيم جي قيام بابت ڪنونشن تي باضابطا طور تي صحيحون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان جي نمائندگي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪئي، جنهن عالمي ٽياڪڙي تنظيم جي قيام بابت ڪنونشن تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چين جي عالمي ويزن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي تڪرارن جي پرامن حل تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ اهڙن ڪوششن ۾ اڳڀرو رهندو. هن ڀارت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڀارت عالمي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، خاص طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جهڙو عمل واضح طور تي بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار جو حل اڻٽر آهي، ۽ پاڪستان عالمي فورمن تي پنهنجي موقف کي اجاگر ڪندو رهندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے