بدين:(خمیس 15 مئي 2025ع)بدين ڀرسان ڳوٺ اسحاق سمون ۾ انب جي وڻ مان انبڙيون پٽڻ جي مبينا ڏوهه ۾ بااثرن ٽين ڪلاس جي شاگرد اسدالله سمون مٿان سخت تشدد ڪري کيس ٻٻر جي وڻ سان ٻڌي، وڻ جي پاڙ ۾ پاڻي هاري ماڪوڙن کان پٽرائي، نڪ ۽ وات ۾ پاڻي وجھي 3 ڪلاڪ تائين وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، وارثن پاران اهڙو اطلاع ڪڍڻ پوليس کي ڏنو ويو، پر24 ڪلاڪ گذرڻ باوجوو پوليس تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، معصوم نينگر جي حالت خراب کيس ماڪوڙن جو زھر چڙهي وڃڻ سبب نينگر الٽيون ٿيڻ جي ڪري بيحال ٿي ويو، متاثر شاگرد جي والد خدا بخش سمون ۽ ٻين ايوان صحافت بدين پھچي احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار نواز پٽ حسين گھراڻو ۽ يونس عرف ڀورو گھراڻو جي بڇ تي منھنجي معصوم پٽ مٿان سخت تشدد ڪيو ويو آھي پر بااثر جوابدار اڃا گرفتار نه ٿي سگھيا آهن، متاثر نينگر جي وارثن پاران وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته جوابدار گرفتار ڪري هن معصوم شاگرد سان انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language