welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاکين جي دڙي جي ٻيهر کوٽائي مڪمل: تهذيب 9 هزار سال پراڻي قرار

سکر:(خمیس 15 مئي 2025ع)لاکين جي دڙي جو هڪ ڀيرو ٻيهر کوٽائي وارو ڪم مڪمل، آرڪيالاجي ماهرن چيو آهي ته دڙي جي تهذيب 9 ھزار سال پراڻي آهي، وڪيل جو چوڻ آهي ته دڙي جي صحيح نموني کوٽائي صرف چار دفعا ٿي آهي، تفصيل موجب لاکين جي دڙي جي کوٽائي وارو ڪم مڪمل ٿيڻ تي پريس ڪانفرنس ڪندي آرڪيالاجي ماهر غلام مصطفي شر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آثار قديمه سکر خير محمد قريشي چيو آهي ته لاکين جو دڙي جي پھرين نشاندهي 1985 ع ۾ ٿي ھئي، دڙو موھن جي دڙي کان به 9 ھزار سال پراڻو آهي، 2025ع واري چئن ھفتن جي کوٽائي دوران دڙي جي تباهي جا ٽي دور ملن ٿا، دڙو 12 ڪلوميٽرن تائين ڦهليل آهي، جنھن جي اڪثريت واري ايراضي تي ھن وقت قبضا ٿي ويا آهن، جن کي ڇڏايو وڃي، لاکين جي دڙي جي کوٽائي دوران گھر، پاڻي ڀرڻ وارا دلا، مھرون مليون آهن، هنن چيو ته دڙي تان جيڪي قيمتي نوادرات ملن ٿا انهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ سياحن جي ڏسڻ جي لاءِ دڙي تي ميوزيم ٺاهيو وڃي، ڇو ته تاريخ جي لحاظ کان لاکين جو دڙووڏي اھميت رکي ٿو، هنن چيو ته ماضيءَ ۾ نه رڳو پاڪستان پر ملڪ کان ٻاھر جا ماھر آرڪيالاجسٽ وزٽ ڪري چڪا آهن، لاکين جو دڙي جو ڪلچر باقي تاريخي ماڳن کان جدا سڃاڻپ رکي ٿو، ھتان بين الاقوامي واپار جو پڻ ڏس ملي ٿو، کوٽائي دوران ڪچين پڪين سرن جون ديوارون، ٻوڏن کان بچڻ جي لاءِ بند پڻ مليا آهن، جيڪڏهن وڌيڪ کوٽائي جاري رکي وڃي ته اڃا گهڻو ڪجهه ملندو، ھن وقت لاکين جي دڙي کي محفوظ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جڏهن ته لاکين جي دڙي بابت پھرين نشاندهي ڪندڙ علائقي واسي وڪيل غلام شبير کوسو چيو ته لاکين جي دڙي جي چار دفعا صحيح نموني کوٽائي ٿي آهي، ان کوٽائين دوران تمام گهڻا قيمتي نوادرات مليا هئا، منهنجو مطالبو آهي ته ھتان ملندڙ قيمتي سامان کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ثقافت کاتو ھتي ميوزيم جوڙي ته جيئن ھن دڙي ۽ سکر جي تاريخي ماڳن انھن جي اھميت کي محفوظ ڪري سگهجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے