
ڀان سيد آباد:(خمیس 15 مئي 2025ع)ڀان سيدآباد ۾ ڏيڍ مهينو اڳ سوناري غلام شبير جويي جي دڪان مان سوا 2 ڪروڙ رپين جي ماليت جا سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦرواقعي ۽ بدامنيءَ خلاف جويا برادري ۽ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي دڪاندارن شٽربند هڙتال ڪئي ، هڙتال سبب شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، مين دعا چونڪ، ريشم گلي، سونارا بازار، اسٽيشن روڊ، سبزي منڊي سميت سمورا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا، احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين، دڪاندارن، واپارين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي ۾ شريڪ سوين شهرين پاران دعا چوڪ تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ، ريلي جي اڳواڻي ڌاڙي متاثر بزرگ واپاري غلام شبير جويو، ديدار جويو، شاھ محمد پنھور، سماجي اڳواڻ ممتاز ٻگهيو ۽ شهري ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ امداد سولنگي، بدرالدين پنهور، سھيل ٻرڙو، شوڪت مري، علي گل ٻگھيو الله وسايو ڇٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڀان سيدآباد شهر ۾ روز ڦرون ۽ ڌاڙا پيا لڳن، ايئن پيو لڳي ڄڻ ڦورو پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته 3 اپريل تي سوناري غلام شبير جويو کان ڦر ٿي، 40 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس صرف ڪوڙا دلاسا پئي ڏئي، هنن چيو ته غلام شبير جويو کان 24 لک رپيا روڪ ۽ 55 کان 60 تولا سون، هڪ آء فون موبائيل ۽ هڪ عام موبائيل ڦر ٿي پر پوليس واقعي کي صحيح تسليم به نه ٿي ڪري، هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ڄامشورو پريس ڪانفرنس ڪندي 3 ڏوهارين جي گرفتاري ظاهر ڪئي پر غلام شبير جويو جي رڪوري صرف 16 لک رپيا ڏيکاري جيڪا ناانصافي آهي، مظاهرين چتاءُ ڏنو ته رڪوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language