
ڪراچي:(خمیس 15 مئي 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي کي من پسند ملازمن کي ترقيون ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪالهه تعليم کاتي ۾ گريڊ 16 جي آفيس اسسٽنٽس کي گريڊ 17 ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ طور ترقيون نه ڏيڻ ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت من پسند ملازمن جون ترقيون روڪي 7 ڏينهن اندر درخواستگذارن جون اپيلون ٻڌي، ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت 79 درخواستگذارن جي داخل درخواست اڪلائي ڇڏي, ٻڌڻي دوران درخواستگذار اشرف ۽ ٻين جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد چيو ته تعليم کاتي ڪراچي جي ڊائريڪٽر (پرائمري) پاران جاري ڪيل سينارٽي لسٽ ۾ درخواستگذارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڪجهه ملازمن کي ترقي ڏيڻ لاءِ 18 آڪٽوبر تي کاتي جي پروموشن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿيڻي هئي، من پسندن کي نوازڻ لاءِ تاريخ کي 8 آڪٽوبر طور ظاهر ڪيو ويو ته جيئن ڪجهه ماڻهن کي مٿي آڻي سگهجي، درخواستگذارن جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد چيو ته سرڪار پاران تڪڙي پروموشن ڪاميٽي جي ميٽنگ گهرائي وئي، جنهن کي اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ته پهرين درخواستگذارن جون اپيلون ٻڌي ڪري انهن تي فيصلو ڪيو وڃي، پوءِ ڊي پي سي ڪئي وڃي, واضح رهي ته ٽوٽل 105 ملازم متاثر ٿيا، جن مان 79 ڄڻن درخواست داخل ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language