welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مودي کي ڳالهين جي آڇ، ڀارت جي صوبيداري ٽوڙي ڇڏي، درياءَ بند ڪيا ته واقعي پاڻي ۽ رت گڏ نه وهي سگهندا: وزيراعظم

پسرور ڪينٽ:(خمیس 15 مئي 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف مودي کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ جنگ ٻنهي لاءِ تيار آهي، مودي ڀاشڻ پاڻ وٽ رک، ٻيهر حملو ڪيو ته ڀارت وٽ ڪجهه نه بچندو، باهه لڳائڻ بدران اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪريو، پاڪستان ڀارت جي صوبيداري ٽوڙي ڇڏي، درياءَ بند ڪيا ته واقعي پاڻي ۽ رت گڏ نه وهي سگهندا. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ پسرور ڪينٽ جَي دوري دوران آپريشن بُنيان مرصوص ۾ حصو ٺندڙ فوجي آفيسرز ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ”آپريشن بنيان مرصوص“ ۾ غير معمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي ڪارڪردگي تي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي جنگ ۽ تازي آپريشنل تيارين بابت تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي دلير پٽن تي انتهائي فخر آهي، اهي قوم جي مٿي جو تاج آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج دشمن جي بزدلاڻي اڳرائي جو فيصلائتو جواب ڏنو، تاريخ شاهد رهندي ته پاڪستان جي محافظن ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڀارتي اڳرائين کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران معصوم شهرين تي کُليل اڳرائي ۽ کين دهشتگرد قرار ڏيڻ شرمناڪ عمل آهي، بهادر فوج مثالي طريقي سان ملڪ جو دفاع ڪيو، پاڪستان کي بهادر جوانن تي فخر آهي، قوم شهيدن جي قربانين جي سدائين قرضي رهندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اڻڌري جاچ جي آڇ باوجود ڀارت ڄاڻي واڻي اهڙو رستو اختيار ڪيو، ڇو ته ان وٽ ڪجهه به ثابت ڪرڻ لاءِ نه هو، ڀارت ڪوڙن الزامن، تڪبر ۽ انا جي بنياد تي جارحيت ڪئي، جنهن جو ان کي ڀرپور جواب مليو، ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اهڙو جواب ڏينداسين، جيڪو ان سوچيو به نه هوندو. وزيراعظم چيو ته ڀارت ٻيهر اڳرائي جو رستو اختيار ڪيو ته اسان کي تيار ڏسندو، پاڪستان امن ۽ جنگ ٻنهي لاءِ تيار آهي، مودي کي چوان ٿو ته باهه لڳائڻ بدران اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪري، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، ان خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وزيراعظم چيو ته رافيل جي تڪبر ۾ مبتلا ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملي ويو، اوهان پاڻ کي هن علائقي جو ٿاڻيدار سمجهندا آهيو هاڻي اهو ڪوڙو بيانيو ختم ٿي ويو، مسٽر مودي ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي ته جيڪو ڪجهه ڀارت وٽ بچيو آهي اهو به ختم ٿي ويندو، مودي پنهنجا ڀاشڻ پاڻ وٽ رکي، مودي سنڌ طاس معاهدي تي ڪڏهن سوچجان به نه، پاڻي اسان جي ڊيڊلائن آهي ان تان هٿ نه کڻنداسين، پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته واضح ڪريون ٿا ته پاڻي ۽ رت گڏ نٿا وهي سگهن، وزيراعظم چيو ته ڀارت سان منظم ڳالهيون ٿينديون، ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي جامع ڳالهيون ڪنداسين، وزيراعظم شهباز شريف جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان 1971ع جو ڀارت کان بدلو هن جنگ ۾ وٺي ڇڏيو، هن پوري جنگ جي رٿابندي جنهن دليري ۽ دانشمندي سان آرمي چيف ڪئي مان ان جو گواهه آهيان، وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته 1971ع ۾ مڪتي باهني کي ڪنهن تربيت ڏني؟ ڪنهن بغاوت لاءِ ڀڙڪايو، سمجهوتا ٽرين تي ڪنهن حملو ڪيو هو، بلوچستان ۾ ٽرين واقعي ۾ بي ايل اي، ٽي ٽي پي جون ڪڙيون اوهان سان ملن ٿيون، ڪلڀوشن ڪير آهي؟.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے