welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ٻه ڪروڙ ڊالر جي قسط ملي وئي: ايندڙ بجيٽ بابت ڳالهيون شروع

ڪراچي:(خمیس 15 مئي 2025ع)پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 2 ڪروڙ 3 لک ڊالر جي قسط ملي وئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان کي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان هڪ ارب 2 ڪروڙ 3 لک ڊالر جي قسط ملي وئي آهي. اها رقم ايڪسٽنڊڊ فنڊ فئسليٽي (EFF) قرض پروگرام جي ٻي قسط طور جاري ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائي مطابق آءِ ايم ايف جي جائزي مشن پاڪستان جي معيشت جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ۽ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 9 مئي تي ان جي منظوري ڏني هئي. ٻي قسط جي رقم 16 مئي 2025 تي پاڪستان جي ناڻي ذخيري جو حصو بڻجندي. ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اڄ کان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهيون شروع ٿي رهيون آهن، جن ۾ حڪومت نئين مالي سال 26-2025 جي بجيٽ بابت آءِ ايم ايف سان مشاورت ڪندي ۽ بجيٽ جا هدف گڏيل مشوري سان مقرر ڪيا ويندا. ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام تحت اقتصادي سڌارن جو سلسلو جاري رکندي. آءِ ايم ايف وفد جو ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي، جيڪو هڪ هفتي جي دير سان ٿي رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے