
رياض / دوحه / دمشق:(خمیس 15 مئي 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان-ڀارت جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي، مون ٻنهي ملڪن کي چيو ته نيوڪليئر ميزائل هلائڻ بدران اهڙين شين جو واپار ڪريو، جيڪا توهان سٺي نموني ٺاهيندا آهيو، سعودي عرب جي دوري دوران تقريبن کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ٻنهي ملڪن وٽ طاقتور، مضبوط ۽ ذهين ليڊرز موجود آهن، ٽرمپ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي سهڪار جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جي مدد سان افغانستان ۾ 13 فوجين تي حملي ۾ ملوث داعش جو دهشتگرد گرفتار ٿيو هو، هوڏانهن سعودي ولي عهد پاران پاڪ ڀارت جنگبندي جي آجيان ڪئي وئي، آمريڪي صدر ٽرمپ کان غزه جنگ به ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جِي سِي سِي کي خطاب ۾ شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي به آجيان ڪئي ويندي، نار جي ملڪن ۽ آمريڪا جي سهڪار سان غزه جنگبندي ممڪن هوندي، فلسطين مسئلي جو جامع ۽ مستقل حل ڳولڻ چاهيون ٿا، آمريڪا جون شام تان پابنديون هٽائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، شام تان پابنديون هٽائڻ سان خطي ۾ خوشحالي جو نئون دور شروع ٿيندو، هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ رياض ۾ ولي عهد محمد بن سلمان جي موجودگي ۾ شام جي عبوري صدر احمد الشرع سان تاريخي ملاقات ڪئي. عالمي خابرو اداري موجب ان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کان علاوه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ ترڪ صدر طيب اردگان وڊيو لنڪ ذريعا شريڪ ٿيا. ملاقات ۾ آمريڪي صدر شامي صدر تي زور ڀريو ته اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ ٻين عرب ملڪن جيان “ابراهيم معاهدن” ۾ شامل ٿيو، وائيٽ هائوس موجب ڊونلڊ ٽرمپ شامي عبوري صدر الشرع کان اهو به مطالبو ڪيو ته هو فلسطين جي عسڪريت پسندن سميت غير ملڪي ويڙهاڪن کي ملڪ بدر ڪيو وڃي. آمريڪي صدر شامي صدر احمد الشرع کان اهو به مطالبو ڪيو ته هو ڪرد مليشيا جي انتظام هيٺ داعش قيدين جي ڪيمپن جو ڪنٽرول سنڀالين جن تي ترڪي کي اعتراض آهي. شامي صدر سان پهرين ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احمد الشرع نوجوان خوبصورت 7 سخت موقف رکندڙ اڳواڻ ۽ سندس موقف طاقتور ۽ هڪ سٺو ويڙهاڪ آهي. شام تي بشارالاسد جي دور کان لڳل آمريڪي پابنديون هٽائڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي شامي پرڏيهي وزارت ان کي تاريخي قرار ڏنو، پر ابراهيم معاهدن ۽ اسرائيل سان لاڳاپن جي بحالي واري عمل تي خاموشي اختيار ڪري ورتي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر جي دوري جي ٻئين مرحلي ۾ قطر پهتو، قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاران آمريڪي صدر جي آجيان ڪئي، ٽرمپ جِي دوحه جِي شاهي محل آمد تي تلوارن جو روايتي رقص به پيش ٿيو، ٽرمپ ۽ قطري امير وچ ۾ ملاقات طرفان ٻطرفن لاڳاپن توڙي واپار کي وڌائن تي ڳالهيون پڻ ٿيون. ان دوران قطر آمريڪا کان 200 ارب ڊالرز جا 160 هوائي جهاز خريدڻ جو معاهدو ڪري ورتو. عرب ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني معاهدن تي صحي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيا. عرب ميڊيا موجب معاهدي تحت آمريڪي ڪمپني قطر کي هوائي جهاز فروخت ڪندي. آمريڪا دفاعي شعبي ۾ قطر سان تعاون وڌائڻ سان گڏ ڊرون جهاز به فراهم ڪندو. صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته قطر سان هوابازي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاهدو ٿيو آهي، قطر آمريڪي ڪمپني کان 200 ارب ڊالرز ماليت جا 160 هوائي جهاز خريد ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language