welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملير: مدرسي ۾ پڙهندڙ پني عاقل واسي کٿابي بدفعلي بعد گهٽا ڏئي قتل: مولوي سوگهو

ملیر:(خمیس 15 مئي 2025ع)ملير جي مدرسي ۾ پڙهندڙ پني عاقل واسي کٿابي بدفعلي بعد رسي سان گهٽا ڏئي قتل: مولوي گرفتار، ملير جي گڏاپ ٽائون ۾ واقع دنبا ڳوٺ جي مدرسي خالد بن وليد مان پنوعاقل واسي 12 ورهين جي کٿابي مجيب پٽ عبدالباري ڪلهوڙي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو ، اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، ان ڏس ۾ ايس ايچ او سرفراز جتوئي ٻڌايو ته کٿابي مجيب پٽ عبدالباري ڪلهوڙو جي ڳچي تي رسي جا نشان هئا، ابتدائي پوسٽ مارٽم ۾ مقتول سان بدفعلي ٿيڻ ۽ رسي سان گهٽو ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق ٿي آھي، اسان شڪ جي بنياد تي هڪ مولوي کي پڇا ڳاڇا لاءِ تحويل ۾ ورتو آهي، جڏهن ته ڪرائيم سين يونٽ واقعي واري هنڌ شاهديون گڏ ڪيون آهن، هوڏانهن رات دير سان مقتول جي ڀاءُ صفدر عباسي جي فرياد تي قاري عبدالماجد لغاري ۽ سندس ساٿين مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته قاري عبدالماجد لغاري نينگر سان زيادتي بعد ساٿين جي مدد سان قتل ڪيو آھي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس قاري عبدالماجد لغاري جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے