welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر پوليس جو آپريشن، 12 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ڌاڙيلن سان ڊيل جا چوٻول

سکر:(خمیس 15 مئي 2025ع)سکر پوليس جو باگڙجي جي ڪچي ۾ آپريشن، مبينا مقابلي بعد 12 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي ڊيل تحت ٿي آهي، ايس ايس پي سکر، گهرو وزير ۽ ڊي آءِ جي سکر پاران پوليس ٽيم کي شاباس، تفصيل موجب سکر پوليس باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ آپريشن ڪري 12 مغوين کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، اِن ڏس ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق باگڙجي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن جي نتيجي ۾ گذريل رات سکر مان اغوا ٿي ويل ٽن نوجوانن سميت 12 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس مطابق ڏوهاري مغوين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوهاري 12 مغوين کي ڇڏي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا، پڌرائي مطابق بازياب ٿيلن ۾ سکر واسي 3 نوجوان سجاد سولنگي، فيروز سولنگي، گوهر ۽ خيرپور ضلع سان تعلق رکندڙ شاهزيب چنو، مجاهد علي، احسان چنو. فيصل قادر، مستري ڪاشف، نديم ملڪ، مولا بخش، صدام ۽ علي سولنگي شامل آهن، اِن ڏس ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب مغوين جي بازيابي ڊيل تحت ٿي آهي، باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ رهندڙ ڏوهارين پوليس آپريشن جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ توڙي مستقبل ۾ نقصان نه پهچائڻ جا پوليس پاران ڳالهين لاءِ رابطو ڪندڙ پوليس آفيسرن وٽ مطالبا رکيا، ذريعن مطابق ڪجهه نقصان جو ازالو ٿيڻ ۽ خاطرين بعد مغوين کي آزاد ڪيو ويو ۽ پوليس معمول مطابق ڊرامائي انداز ۾ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي. ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ مرحليوار رٿا بندي ڪئي پئي وڃي: وڏو وزير سکر: وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران آپريشن جي نتيجي ۾ 12 مغوي بازياب ڪرائڻ تي شاباس ڏني آهي، مراد علي شاهه پڌرائي ۾ چيو آهي ته آپريشن جي نتيجي ۾ 12 مغوي بازياب ٿيا آهن، وزير اعلي سنڌ پاران ڌاڙيلن ۽ قانون خلاف ورزي ڪندڙن خلاف آپريشن جاري رکڻ، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به غفلت کي برداشت نٿو ڪري سگھجي، هن قانون جي بالادستي لاءِ حڪومت جو عزم ورجايو ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي جو اطلاع اختيارين کي ڏين، هن چيو ته ڏوهارين جي نيٽ ورڪ جي مڪمل خاتمي لاءِ وڌيڪ مرحلن جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پاران سکر ۽ خيرپور پوليس کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. ڏوهارين تي نظر رکڻ واريون پوليس جون دعوائون کوکليون ثابت سکر: بچاءُ بندن تي پوليس پڪٽون قائم ڪرڻ، ڊرون توڙي مختلف طريقن سان ڏوهارين تي ڪڙي نظر رکڻ واريون پوليس جون دعوائون مختلف وقتن ۾ کوکليون ثابت ٿيون آهن، تازو رمضان واري عيد تي باگڙجي جي ڪچي مان ڏوهاري رحمو جتوئي، ڪشمير جتوئي پنهجي ساٿين سان گڏ ٽولن جي صورت ۾ ٻيلي کان نڪري باگڙجي شهر جنهن جي چند قدم مفاصلي تي ٿاڻو به آهي اُتي پهچي مختلف هنڌن تي هٿيارن جي نمائش ڪرڻ سان گڏ ٽڪ ٽاڪ ٺاهيا، سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ سان گڏ آرام سان هوٽل تي چانهه پيئڻ بعد واپس روانا ٿي ويا، پر اِن دوران پوليس نه بچاءُ بند تي ڏوهارين کي روڪڻ لاءِ ڪا مزاحمت ڪئي ۽ نه ئي وري وچ شهر ۾ ڪٿي ڏوهارين کي ڪو سپاهي مليو، اِن کان اڳ به ذريعن مطابق ماضيءَ جا بدنام ڌاڙيل نظرو ناريجو ۽ ابراهيم سنديلو پڻ باگڙجي ٻيلي اندر رھي پنھنجو علاج ڪرائيندا ھئا، ڇاڪاڻ ته نظرو ناريجو گڙدن جي مرض ۽ ابراهيم سنديلو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا هو. باگڙجي ۾ مغوي موجود نه هجڻ باوجود آپريشن ڪرڻ تي سوال اٿڻ لڳا سکر: وڏي خاموشيءَ کان پوءِ اوچتو باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ شروع ٿيل آپريشن تي به سوال اُٿي رهيا آهن ته سکر واسي ڪو به مغوي باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ يرغمال ناهي بڻيل ۽ نه ئي ڪا تازو اهڙي ڪا ڪاروائي ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوچتو پوليس کي آپريشن ياد اچي وڃي. پوليس خانه پوري ڪرڻ لاءِ باگڙجي جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو: ذريعا سکر: ذريعن مطابق پوليس سالياني بجيٽ لاءِ خانه پوري ڪرڻ لاءِ باگڙجيءَ جي ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو، ٻن ڏينهن تائين پوليس کي ڪنهن به قسم جي ڪا به ڪاميابي نه ملي. البته پوليس ڏوهارين جا ٺڪاڻا ساڙڻ، تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، چيو پيو وڃي ته اِن جي رد عمل ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن سکر ۽ خيرپور مان 12 ڄڻن کي اغوا ڪيو، 24 ڪلاڪن کان اڳ ئي پوليس سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو. باگڙجي ٻيلو ورهين کان ڌاڙيلن جي محفوظ پناهه گاهه بڻيل سکر: باگڙجي ٻيلو ورهين کان ڏوهارين جي محفوظ ترين آماجگاهه بڻيل آهي، جتي هر ڀيري ٿيندڙ آپريشن ناڪام رهيا آهن، هن وقت باگڙجي ٻيلي اندر رحيم عرف رحمو ڦلپوٽو، رجب عرف رجو جتوئي، ڪشمير جتوئي، شفيق جتوئي، سڄڻ جتوئي، ماهي عرف مھي جتوئي سميت مختلف ڌاڙيلن جا ٽولا سرگرم آهن، جيڪي ٻيلي جي سوين ايڪڙن تي مشتمل سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري پنھنجا سولر سسٽم تي فصل پوکڻ سان گڏ ڦر ٿيل چوپائي مال مان کير وڪڻي توڙي زمين مان وڏي آمدني ڪمائين ٿا، اِن سان گڏ فيڪٽرين، ڪارخانن جي مالڪن توڙي مختلف سرندي وارن کان ڀتو وصول ڪري هنن رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪري ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے