welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايراني سيڪيورٽي فورسز اسرائيل سان لاڳاپيل 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو

سيستان:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)ايراني سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ اولهه علائقي ۾ هڪ آپريشن دوران 6 شدت پسندن کي ماري ڇڏيو ۽ 2 کي گرفتار ڪيو. ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، شدت پسند سيستان بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي تبادلي ۾ مارجي ويا. ايراني ميڊيا موجب، مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، آپريشن جي هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي، مارجي ويل شدت پسند اسرائيل سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن کي اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي موساد پاران تربيت ڏني وئي هئي. ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل هڪ کانسواءِ سڀئي شدت پسند پرڏيهي هئا، پر سندس قوميت جاري نه ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے