گمبٽ:(خمیس 15 مئي 2025ع)گمبٽ ون فائيو پوليس ڳوٺ وانڍ مهر ۾ ڌڱاڻو مهر جي گهر تي چڙهائي جنهن دوران نوجوان آصف مهر فوت ٿي ويو، وارثن لاش ريپڊ سينٽر ٻاهران رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري تي وارث نوجوان جو لاش کڻي ويا، ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي والد ڌڱاڻو مهر ٻڌايو ته پوليس گهر ۽ اوطاق تي چڙهائي ڪري مون سميت منهنجي پٽ آصف مهر کي بنا جواز کنڀي ٿاڻي تي کڻي وئي ۽ تشدد ڪيو، جتي منهنجو پٽ فوت ٿي ويو، پوليس لاش کڻي گمس اسپتال جي ريپڊ سينٽر ۾ ڇڏي فرار ٿي وئي، هن چيو ته پوليس ظلم ڪيو آهي، پٽ جي خون جو ڪيس داخل ڪري پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي گمبٽ ملهير خان پاتو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي ون فائيو انچارج سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، ايس ايچ او گمبٽ پيار علي جتوئي سسپينڊ ٿيو آهي، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language