
لیاري:(آچر 18 مئي 2025ع)شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد حسين مهدي ۽ رجسٽرار ڪيپٽن (ر) ڊاڪٽر رضا حيدر نديم خان جي مقرري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، عدالت ڌرين کي 27 مئي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار رياض اختر سومرو ايڊووڪيٽ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته بيظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار جي مقرري غير قانوني آهي، وي سي ۽ رجسٽرار سرڪار پاران جاري ڪيل اشتهار موجب تعليمي معيار تي پورا نٿا لهن، وائيس چانسلر جي پوسٽ لا۽ پي ايچ ڊي هئڻ لازمي آهي، جڏهن ته نئين وي سي جي ڊگري رڳو ايم بي بي ايس آهي، رجسٽرار به ڄاڻايل تعليمي معيار تي پورو نٿو لهي، انهي ڪري وي سي ۽ رجسٽرار جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي درخواست ۾ سنڌ حڪومت، شهيد بينظير ڀٽو لياري يونيورسٽي جي وي سي، رجسٽرار ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، هوڏانهن . لياري ورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر سيد حسن مهدي جو چوڻ هو ته آئون رڳو ايم بي بي ايس نه پر ايف سي پي ايس به آهيان، منهنجي 2014ع جي ڊگري کي پي ايم ڊي سي به قبوليت ڏني آهي، سرڪار لياري ورسٽي جي وي سي لاءِ ماسٽرز جي ڊگري گهري هئي ، هن چيو ته مون جيان اڳوڻو وقتي وي سي امجد سراج ميمڻ به پي ايچ ڊي نه هو، هن چيو ته مون وٽ سهيل جنرل ورسٽي ۾ وي سي طور ڪم ڪرڻ جو تجربو به آهي، مادرعلمي جي رجسٽرار کي اڳوڻي وي سي امجد سراج 4 فيبروري 2025ع تي ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيو هو، مون 4 مارچ تي انهي رجسٽرار جي ڪانٽريڪٽ جو مدو 6 مهيا ڪيو هو ، ساڳئي وقت وزيراعليٰ کي مڪمل رجسٽرار مقرر ڪرڻ لاءِ به خط لکيو آهي، هن چيو ته سومر تي سڏايل سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ رجسٽرار جي 6 مهين جي مدي جي منظوري ڏني ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language