ڪراچي:(آچر 18 مئي 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو آهي ته پاڪستان فوج رڳو سرحدن جي محافظ ناهي، اها قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ عالمي امن قائم ڪرائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ڪالهه هتي ”پاڪستان جي فتح“ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ جو جشن رڳو فوجي ڪاميابي جو اعتراف ناهي پر اهو پاڪستان جو ناقابل شڪست جذبو آهي، اهڙو جذبو ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، هر آزمائش کانپوءِ اميد، فخر ۽ عزم سان مضبوط آهي. هن چيو ته انجنيئرن جو ڪردار ملڪ جي مستقبل جي معمار طور انتهائي اهم آهي، اهي فرد جيڪي تعمير ڪن ٿا، جيڪي دفاع ڪن ٿا، اهي قوم جي اتحاد جي علامت آهن. هن سڀني پاڪستانين، سول، فوجي، انجنيئرن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته ملڪ جي عظمت، خودمختياري ۽ ترقي جي تحفظ لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي. هن پنهنجي عزم کي ورجايو ته هڪ خوشحال، محفوظ ۽ متحد پاڪستان لاءِ محنت سان ڪم ڪنداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language