welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪ فوج ڀارت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي: سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري

ڪراچي:(آچر 18 مئي 2025ع)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اڄ ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ ) ڪنٽونمينٽ صدر حيدرآباد ۾ تازي پاڪ ڀارت جنگ ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي عيادت ڪئي. جتي هن ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت آئون ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نمائندن ۽ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ سان گڏ سي ايم ايڇ جو دورو ڪيو آهي ۽ ايئرپورٽس تي ٿيندڙ زخمي سپاهين جي عيادت ڪئي آهي، اڄ هتي هڪ شئي ڏسڻ جي قابل آهي ته ايئر فورس جي جوان جنهن جون ٻه سرجيريز ٿيون ان جي چهري تي نور ڏٺو، اسانکي اهڙين مائرن، ڀينرن ۽ فورسز جي ليڊر شپ جو جذبو ڏسي فخر محسوس ٿيو. شهادت جو جذبو ڏسي خوشي ٿي هتي سي ايم ايڇ ۾ 5 زخمي جوان داخل هئا “معرڪا حق بنيان مرصوص” آپريشن جي تحت الحمد الله سپه سالار جنرل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ ڀارت جي جارحيت جو پنهنجي جذبي سان ڀرپور دفاع ڪيو. سنڌ جي گورنر چيو ته اسانجي جوانن ڏينهن جي روشني ۾ پوري قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو آهي انهن تي اسانکي ناز آهي _ جهڙي طرح اسان ۽ اسانجي سپه سالار پاران ڀارت کي چماٽ وهائي ڪڍي آهي آئنده ڀارت اهڙي ڪڏهن به همت نه ڪندو، اسانجي فوجي جوانن کي اهو ڏک ناهي ته اهي زخمي آهن کين ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اهي شهيد ڇو نه ٿيا. اسين ميجر، جنرلز، ليفٽيننٽ ۽ ڪرنلز ۽ سندن فيملي کي سلام پيش ڪيون ٿا جن پنهنجي گهروارن سان آخري ملاقات ڪري جنگ لاءِ وڃڻ جو چيو ڇاڪاڻ جو سندن ۾ شهادت جو جذبو هو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو گذريل ٻن سالن کان تنقيد ڪري رهيا هئا انهن کي چوان ٿو ته اڄ پاڪ فوج پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ تربيت يافته جوانن قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو، اڄ ان خطي ۾ پاڪستان پاسپورٽ جي اهميت وڌيڪ بحال ٿي ۽ پاڪستانين جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿي ويو آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته اسين ڀارت جي شهرين ۽ فورسز جي عزت ڪيون ٿا پر انتهاپسندهندومودي جيڪو گجرات جو قصاب آهي جنهن مسلمانن تي ظلم ڪيو آهي ان کي منهن ٽوڙ جواب مليو، مودي جو نظريو اسرائيل وارو آهي، رات جي اونداهي ۾ اسانجي مٿان حملو ڪيو ويو، اسان پنهنجي قوم ۽ جوانن جي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪرڻي آهي، سندن جذبا وڌائڻا آهن، مودي اهو حملو هڪ سوچي سمجهي سازش جي تحت ڪيو، ان جا ڳٺ جوڙ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙدهشتگردي سان ملن ٿا. گورنر سنڌ چيو ته ايندڙ وقت نريندر مودي جو آهي، اسانجي سويلين، پوليس ۽ فورسز دهشتگردي جي جنگ دوران هن مهل تائين 80 هزار شهادتون ڏنيون آهن ايتريون شهادتن جي باوجود اسانجي مٿان حملو ڪيو ويو جيڪي شهيد ان جنگ ۾ ٿيا جنهن ۾ معصوم ماڻهن جو وقت اچڻ تي بدلو ورتو ويندو. گورنر سنڌ چيو ته اڄ دنيا ڏٺو ته اسان پنهنجا حوصلا نه هاريا جنهن وقت حملو ڪيو ويو انهيءَ وقت مون پنهنجي فيملي سان گڏ واگا بارڊر تي وڃي پنهنجن جوانن جا وڃي حوصلا بلند ڪيا، اسانجي جوانن کي اها به خبر ناهي ته اهي واپس گهر به ويندا يا نه ويندا. هي اها قوم ۽ پاڪ فوج آهي جنهن ۾ مائرون ۽ ڀينرن پنهنجن جوانن کي خوش خوشي جنگ لاءِ موڪلي رهيون هيون، هتي اسان بطور هڪ قوم ٿي ڀارت کي جواب ڏنو آهي، آئون چائنا، ترڪي، سعودي عرب، آذرڀائيجان ۽ امريڪا جو پڻ شڪريو ادا ڪيان ٿو، امريڪا جنگ روڪرائڻ ۾ اهم ڪردارادا ڪيو. امريڪي صدر جو بيحد ٿورائتا آهيون. سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪ فوج ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾آهي، هاڻي قوم جي مٿان آهي ته اها پاڪ فوج سان ڀرپور ساٿ ڏئي اتحاد قائم ڪري، اسانجا آئي ايم جي شرطن ۾ ڦاٿل آهيون، انهيءَ ڪري ملڪ جا قرض به لاهڻا آهن، سپه سالار ۽ قوم جهڙي طرح ڀارتي جارحيت کي ڀرپور جواب ڏنو هاڻي ڀارت کي به اها خبر پئجي وئي هوندي، اسانجو ملڪ قائم ۽ دائم رهندو. سنڌ جي گورنر چيو ته اسان حيدرآباد ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ 52 هزار نوجوانن کان آئي ٽي ٽيسٽ ورتا هئا ، حيدرآباد جا نوجوان اميدوار ڀروسو رکن جهڙي ريت ڪراچي جا نوجوان اهڙن ڪورسن مان ڊالرن ۾ ڪمائي رهيا آهن ساڳئي طرح حيدرآباد جا نوجوان پڻ تمام جلد فائدو حاصل ڪندا، حيدرآباد جي نوجوانن سان ڪيل واعدو ڪجهه مهينن ۾ ضرور پوروڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے