حيدرآباد:(آچر 18 مئي 2025ع)ڀارت ۾ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب ٻارن سميت 17 ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ هڪ عمارت ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي. عمارت جي گرائونڊ فلور تي زيورن جو دڪان هو، جڏهن ته ماڻهو مٿين منزلن تي رهندا هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب عمارت جي گرائونڊ فلور تي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي، جنهن جلدي ۾ پوري عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته باهه جي اطلاع ملڻ تي، فائر فائٽنگ عملو فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتو ۽ ٿڌي ڪرڻ جي عمل ۾ حصو ورتو.
رپورٽن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته باهه ۾ 17 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 6 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن ۽ انهن جو علاج هلندڙ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language