welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دشمن جي غلامي ڪنهن به غيرتمند پاڪستاني کي قبول ناهي: صدر آصف زرداري

اسلام آباد:(آچر 18 مئي 2025ع)صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جا ٿورائتا آهيون هن دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي سگهون ٿا. ڀارت کي معلوم ٿي ويو ته اصل جوانن سان مقابلو ڪيئن ٿيندو آهي. گوجرانوالا ڇانوڻي ۾ آفيسرن ۽ سپاهين کي خطاب ڪندي صدر چيو ته شهيد سرخرو آهن، هي ڌرتي آهي ته اسان سمورا آهيون، هي ڌرتي ناهي ته ڪجهه به ناهي، خدا توهان کي ڪاميابي ڏني. صدر آصف زرداري چوڻ هو ته امتحان ۾ هر پاڪستاني پنهنجي جان ۽ مال پاڪستان تي گهوري ڇڏڻ لاءِ تيار آهي ، دشمن جي غلامي ڪنهن به غيرتمند پاڪستاني کي قبول ناهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے