welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان

ڪراچي:(جمعو 25 اپريل 2025ع)سنڌ سرڪار پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سنڌ حڪومت پهرين مئي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيڪفيشن موجب، ايندڙ خميس تي صوبي ۾ سموريون سرڪاري ۽ خانگي آفيسون بند رهنديون ۽ پورهيتن سان ايڪي جي اظهار لاءِ تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو. نوٽيڪفيشن ۾ چيو ويو آهي ته نجي ادارن کانسواءِ سنڌ حڪومت جي ماتحت سمورن ادارن ۽ کاتن ۾ پڻ موڪل هوندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے