welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي سفير جو ڪراچي جو دورو، وڏو وزير ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون

ڪراچي:(جمعو 25 اپريل 2025ع)امريڪي سفير نيٽلي بيڪر ڪراچي جو دورو ڪري واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار سان لاڳاپيل شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ملاقاتون ڪيون. امريڪي سفير عورت نيٽلي بيڪر 23 کان 24 اپريل تائين ڪراچي جو دورو ڪيو، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تجارتي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ ڪاروباري ويجهڙاين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هو. پنهنجي دوري دوران امريڪي سفير پاڪستان جي اهم ڪاروباري ڪمپنين جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي هن چيو ته آمريڪا لاءِ پاڪستان سان اقتصادي شرڪتداري تمام اهميت رکندي آهي ۽ اسان ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. امريڪي سفير، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين صوبائي اختيارين سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خوشحالي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ موجود موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڄڻن جي ملاقات ۾ گڏيل واپار، توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ جدت آڻڻ تي زور ڏنو ويو. امريڪي بزنس ڪونسل سان ملاقات دوران، ڳالهه ٻولهه پاڪستان جي وڌندڙ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۽ ان جي برآمدي صلاحيت تي ڌيان ڏنو ويو. امريڪي سفير چيو ته "اسان جي گڏيل خوشحالي آزاد، خودمختار ۽ مسابقتي اصولن تي ٻڌل تجارتي منڊين تي ڀاڙي ٿي. ، جتي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري ڪنهن به رڪاوٽ کان بنا ترقي ڪري سگهن ٿيون.”

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے