welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ڪاري قانون پيڪا آرڊيننس، ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ مائينز منرل بل کي رد ڪندي، فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو

حیدرآباد:(جمعو 25 اپريل 2025ع)حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ڪاري قانون پيڪا آرڊيننس، سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ مائينز منرل بل کي رد ڪندي، انهن سڀني منصوبن کي فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته صحافت جي عالمي ڏينهن 3 مئي تي پيڪا آرڊيننس خلاف پروگرام منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ صحافين جي حقن ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف آواز اٿاريو ويندو. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس ايڇ يو جي، جي صدر محمد وسيم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي وقتي صدر خالد کوکر، پي ايف يو جي، جي ايف اي سي ميمبر لالا رحمان سمون ۽ اقبال ملاح خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ جي حڪمرانن آزاديءِ صحافت تي پابندي مڙهڻ لاءِ پيڪا آرڊيننس لاڳو ڪيو ۽ هاڻي ان مان فائدو وٺندي حڪمران سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ مائينز منرل بل جهڙا منصوبا آڻي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ ۽ صوبن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته مائنز منرل بل ارڙهين ترميم جي خلاف آهي تنهنڪري اهي سڀ منصوبا فوري طور واپس ورتا وڃن. ايڇ يو جي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 3 مئي صحافت جي ڏينهن تي آزاد صحافت تي پابندي مڙهڻ جي سازش ۽ پيڪا آرڊيننس خلاف پروگرام منعقد ڪيو ويندو، جڏهن ته ايندڙ مهيني ۾ صحافين جو ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ صحافين جي حقن بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے