اسلام آباد:(سومر 28 اپريل 2025ع)بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارتي حملي جي خدشي سبب سرحد تي فوجي قوت وڌائي وئي آهي، پاڪستان ايٽمي هٿيارن جو استعمال رڳو ان صورت ۾ ڪندو جڏهن اسان جي وجود کي سڌي ريت خطرو هجي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي کي انٽرويو ۾ خواجه آصف چيو ته پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ ڀارت طرفان حملي جو امڪان آهي، ان ئي خدشي کي ڏسندي اسان سرحد تي پنهنجي فوجي قوت وڌائي آهي، اسان لاءِ ڪجهه اسٽريٽيجڪ فيصلا ضروري هئا ۽ اهي ڪيا ويا آهن، ڀارت جي بيان بازي وڌي رهي آهي، پاڪ فوج حڪومت کي ڀارتي حملي جي امڪان کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي جوهري آپشن استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هاءِ الرٽ آهي ۽ پنهنجي ايٽمي هٿيارن جو استعمال رڳو ان صورت ۾ ڪندو، جڏهن اسان جي وجود کي سڌي ريت خطرو موجود هجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language