welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو وڏو فيصلو: ماه رنگ بلوچ سميت 92 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪوئيٽا:(سومر 28 اپريل 2025ع)بلوچستان هاءِ ڪورٽ، صوبائي حڪومت کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيل ماه رنگ بلوچ، بيبو بلوچ، ماما غفار ۽ ٻين 92 کان وڌيڪ بلوچ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت واضح هدايت ڪئي ته آزاد ٿيندڙ سمورن ماڻهن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. اڄ ٻڌڻي دوران ساجد ترين ايڊووڪيٽ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اعجاز سواتي ۽ جسٽس عامر رانا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت بلوچستان سرڪار کي هدايت ڪئي ته ايڊووڪيٽ جنرل ذريعي عدالتي حڪم تي فوري عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته بي اين پي جي سُڌ سماءُ واري مرڪزي سيڪريٽري آغا حسن بلوچ طرفان سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ماه رنگ بلوچ، بيبو بلوچ، ماما غفار ۽ ٻين ڪارڪنن کي ايم پي او تحت غير قانوني طور تي گرفتار ڪري جيلن ۾ رکيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ راهب بليدي، اڳوڻو سيشن جج ظريف بلوچ ، چنگيز بلوچ، ناديا بلوچ ۽ ٻيا وڪيل پڻ موجود هئا. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل ساجد ترين چيو ته بلوچستان جي ڌيئرن ۽ سوين سياسي ڪارڪنن کي غير قانوني طور تي جيلن ۾ رکيو ويو، پر اسان کين هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته عدالت جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو آهي ته قانون جي حڪمراني ئي سڀ کان وڏي طاقت آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے