welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽرمپ آمريڪي 'ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس' جو نالو تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، نئون نالو پڻ تجويز ڪري ورتو

واشنگٽن:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي دفاع واري کاتي جو نالو تبديل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته 'دفاع جو کاتو' ٻڌڻ ۾ سٺو نٿو لڳي، اسان ڪهڙي شيءِ جو دفاع ڪري رهيا آهيون ۽ ڇو ڪري رهيا آهيون؟ ٽرمپ چيو ته اڳ ۾ هن کاتي کي 'جنگ جو کاتو' سڏيو ويندو هو، جيڪو ٻڌڻ ۾ به سٺو لڳندو. ان دوران اسان پهرين عالمي جنگ، ٻي عالمي جنگ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جنگيون کٽيون. آمريڪي صدر چيو ته پر هاڻي اسان محافظ بڻجي ويا آهيون، ٽرمپ پنهنجي ڀرسان بيٺل آفيسرن کي چيو ته جيڪڏهن توهان هن کاتي جو نالو جنگ جو کاتو رکڻ چاهيو ٿا ۽ ان تي ووٽ ڏيڻ چاهيو ٿا ته مون کي ڪو مسئلو ناهي. ٽرمپ آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ کي چيو ته جيڪڏهن توهان نالو تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان مون کي ٻڌايو، جنهن تي پيٽ هيگسيٿ چيو ته اهو ڪرڻ مناسب هوندو. ٽرمپ چيو ته مان صرف دفاع نٿو ڪرڻ چاهيان، ها، دفاع به هجڻ گهرجي، پر صرف دفاع نه.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے