welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه: اسرائيلي حملي ۾ هڪ ٻيو صحافي شهيد، اڄ شهيد ٿيل صحافين جو انگ 6 ٿي ويو

خان يونس:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)فلسطيني صحافي ۽ تعليمدان حسن دوهان کي غزه پٽي جي خان يونس علائقي ۾ اسرائيلي فوجن هٿان قتل ڪيو ويو. قطري نشرياتي اداري الجزيره جي مطابق، حسن ٻهان الحيات الجديده اخبار لاءِ نمائندي طور ڪم ڪري رهيو هو. حسن ٻهان جي شهادت سان گڏ، اڄ غزه ۾ شهيد ٿيندڙ صحافين جو تعداد ڇهه ٿي ويو آهي. حسن دوحان پنهنجي آخري فيس بڪ پوسٽ ۾، اڄ صبح جو النصر اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ صحافين کي خراج تحسين پيش ڪيو. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج سومر تي النصر اسپتال کي نشانو بڻايو ۽ حملي ۾ ڊيوٽي تي موجود 5 صحافين سميت 20 ماڻهو شهيد ٿي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شهيد ٿيل صحافين ۾ پرڏيهي نيوز ايجنسي رائٽرز جو ڪئميرامين حسام المصري، آمريڪي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽڊ پريس ۽ برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ جي نمائندي مريم ابو دقا، آمريڪي ٽي وي نيٽ ورڪ اين بي سي جو صحافي ابو طحه، الجزيره جو فوٽو جرنلسٽ محمد سلامه ۽ قدس نيوز جا احمد ابو عزيز شامل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے