welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي فوج جو غزه ۾ النصر اسپتال تي حملو، 5 صحافين سميت 20 ڄڻا قتل ڪيا ويا

غزہ:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)اسرائيلي فوج غزه ۾ النصر اسپتال تي ٻه حملا ڪيا، جنهن ۾ صحافين سميت 20 ماڻهو قتل ڪيا. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج سومر ڏينهن النصر اسپتال کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ڊيوٽي تي موجود 5 صحافين سميت 20 ماڻهو قتل ڪيا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل صحافين ۾ پرڏيهي نيوز ايجنسي رائٽرز جو ڪئميرامين حسام المصري، آمريڪي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽڊ پريس ۽ برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ جي نمائندي مريم ابو دقا، آمريڪي ٽي وي اين بي سي نيٽ ورڪ جو صحافي ابو طحه، الجزيره جو فوٽو جرنلسٽ محمد سلامه ۽ قدس نيوز جو احمد ابو عزيز شامل آهن. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ۽ وزيراعظم آفيس النصر اسپتال تي حملي جو فوري طور تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي. رپورٽ موجب، وڌيڪ 5 صحافين جي شهادت کان پوءِ، آڪٽوبر 2023 کان وٺي غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ پنهنجي جان وڃائيندڙ صحافين جو تعداد هاڻي 245 تائين پهچي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے