welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: کوسا ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، 4 نينگر قتل

سکر:(سومر 28 اپريل 2025ع)کوسا ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ هلندڙ خوني تڪرار دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ، چار نينگر قتل ٿي ويا. نيوپنڊ ٿاڻي جي حد قريشي ڳوٺ ۾ هٿياربندن چپلن جي دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي سمير پٽ زاهد کوسو، علي حيدر کوسو، شيراز کوسو ۽ دڪان تي ڪم ڪندڙ مزدور قتل ٿي ويو، واٽ ويندڙ عورت انيسه خاتون شيخ زخمي ٿي پئي، مقتول چئن نينگرن جي عمر 14 کان 18 ورهين جي وچ ۾ آهي. قتل واري واقعي کانپوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا الف ڪچي طرف فرار ٿي ويا. ان موقعي تي مقتول وارثن نينگرن جا لاش سول اسپتال سکر منتقل ڪيا ويا، جتوئي برادري جي هٿياربند فائرنگ ڪري اسان جي ڇوڪرن کي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته ڪجھ سال اڳ چور مارجڻ واري مامري تان جتوئي ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار پيدا ٿيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے