ڪراچي:(آچر 27 اپريل 2025ع)وڪيل ۽ قومپرست پارٽي جا ڪارڪن گلشن حديد لنڪ روڊ تي ڪينال منصوبي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. احتجاج ڪندڙ مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڪينال منصوبي کي منسوخ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.
مظاهرين لنڪ روڊ تي رڪاوٽون ۽ پٿر رکي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس ريپڊ ريسپانس فورس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي آهي.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو مظاهرين کي ڳالهين ذريعي احتجاج ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ڳالهين کان پوءِ به رستو نه کوليو ويو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪاوڙيل مظاهرين گاڏين تي پٿر به اڇلايا ۽ هڪ پوليس موبائل کي باهه ڏئي ڇڏي.
ايس ايس پي ملير موجب، صبح کان وٺي مظاهرين جي پٿراءُ سبب 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language