لاھور:(آچر 27 اپريل 2025ع)ايڇ بي ايل پي ايس ايل 10 جي 17 هين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 64 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي کٽڻ لاءِ 179 رنسن جو هدف ڏنو هو، پر پشاور زلمي جي ٽيم 15 هين اوور ۾ 114 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پشاور زلمي جي حسين طلعت 39 رنز سان بهترين بيٽنگ ڪئي، جڏهن ته محمد حارث 17 ۽ بابر اعظم 12 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي فهيم اشرف 5 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته خرم شهزاد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ان کان اڳ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون.
ڪوئيٽا جو مارڪ چيپمين 33 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته سعود شڪيل ۽ ڪوشل مينڊس 32-32 رنسون ٺاهيون.
پشاور زلمي جي الزاري جوزف 3 ۽ صائم ايوب 2 وڪيٽون ورتيون.
ان کان اڳ، پشاور زلمي ٽاس کٽي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي وچ ۾ ميچ قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ کيڏيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language