ميرٺ:(اڱارو 22 اپريل 2025ع)ڀارت جي مشهور مزاحيه ڊراما 'تارڪ مهتا ڪا الٽا چشما' جي 36 سالن جي اداڪار خودڪشي ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار لليت منچندا جو لاش ميرٺ ۾ سندس گهر مان لٽڪيل مليو. پوليس سندس موت کي خودڪشي قرار ڏنو آهي.
اداڪار جي ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو گذريل ڪجهه مهينن کان سخت ذهني دٻاءُ ۽ مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو.
شروعاتي پوليس جاچ ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به ٽئين ڌر جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ۽ نه ئي واقعي واري هنڌ تان ڪو به خودڪشي نوٽ مليو آهي، جڏهن ته، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي ميڊيا موجب، لليت منچندا ڪيترن ئي مشهور ڀارتي ڊرامن سان گڏ بالي ووڊ ۾ به ڪم ڪيو. هن تارڪ مهتا جي الٽا چشمه، يه رشتا ڪيو ڪليات هي ۽ ڪرائم پيٽرول سيريز ۾ پنهنجي ڪردارن جي ڪري شهرت حاصل ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language