بيجنگ:(اڱارو 22 اپريل 2025ع)چين هڪ شخص کي موت جي سزا ڏني جنهن گذريل سال سيپٽمبر ۾ هڪ 10 سالن جي جاپاني ڇوڪرو کي چاقو هڻي قتل ڪيو هو.
ٻار جي قتل جي الزام ۾ مجرم کي جنوري ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي.
ڏوهاري ٻار کي ڏکڻ اوڀر چيني شهر شينزين ۾ هڪ جاپاني اسڪول ڏانهن ويندي رستي تي قتل ڪري ڇڏيو. ٻار جو پيءُ جاپاني شهري هو ۽ ماءُ چيني شهري هئي.
ٻار جي قتل کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language