سکر: (خمیس 06 مارچ 2025ع)سکر جي عدالت يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي برطرف ڪيل وڌيڪ 207 ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو. اين آءِ آر سي ڪورٽ 15 فيبروريءَ تي 207 ڊيلي ويجز ملازمن جي برطرفي وارو آرڊر رد ڪري ڇڏيو، وڪيل عادل خان رڏ ٽائيم نيوز کي ٻڌيو ته بحال ٿيل ملازمن ۾ شڪارپور، نوابشاهه، دادو، گهوٽڪي، رحيم يار خان، لاڙڪاڻو، سکر رينج جا شامل آهن. وڪيل عادل خان رڏ چيو ته اين آءِ آر سي ڪورٽ ۾ ڊيل ويجز ملازمن احسان جتوئي، علي گوهر، ظفر جتوئي، غلام نبي، بابر ۽ ٻين پاران بحاليءَ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي.، وڪيل ٻڌايو ته اين آءِ آر سي ميمبر سيد نورالحسنين شاهه ملازمن جو معطلي وارو آرڊر رد ڪندي کين بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language