
ڪراچي: (خمیس 06 مارچ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه صوبائي سروس جي 13 ڪامورن کي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جي عهدن تي ترقين جي منظوري ڏئي ڇڏي،صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس جي 4 سينيئر آفيسرن کي 21 گريڊ، ايڪس پي سي ايس جي 7 ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ صوبائي سيڪريٽريٽ سروس جي 2 آفيسرن کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ملندي، ان ڏس ۾ ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاھه جي صدارت هيٺ سليڪشن بورڊ ون جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي سروس جي ڪامورن جي ترقين وارا معاملا غور هيٺ آڻڻ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاھ صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس گروپ جي 4 آفيسرن ذوالفقار شاھه، شارق احمد، سليم رضا کهڙو ۽ تميز الدين کيڙو کي 21هين گريڊ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طور ترقي ڏيڻ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته 19هين گريڊ جي ايڪس پي سي ايس جي 7 آفيسرن آغا فخر حسين، سهيل بلوچ، غلام قادر ٽالپر، اسماعيل ميمڻ، منصور خواجا ۽ عطا الله شاھ کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح صوبائي سيڪريٽريٽ گروپ جي 2 آفيسرن مشتاق سومرو ۽ نسيم الدين ميراڻي کي به 20هين گريڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي طور ترقين جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 2 انجنيئرن جاويد چندريگر ۽ شفيق چنڙ کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقين جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي هڪ رٽائرڊ ڪاليجي استاد نياز ابڙو کي 20هين گريڊ ۾ پروفيسر طور ترقي جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته ورڪس کاتي جي انجنيئر لوڪمانيا (لوڪيش) راٺي کي 20 گريڊ ۾ چيف انجنيئر طورترقي ڏني وئي، زراعت کاتي جي هڪ آفيسر کي ڊي جي مارڪيٽنگ طور ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. هوڏانهن اطلاعات کاتي جي آفيسر معيذ پيرزادو جي 20هين گريڊ ۾ ترقي ايندڙ اجلاس تائين روڪي وئي. ذريعن موجب 20هين گريڊ ۾ ترقي جي انتظار ۾ ويٺل معيذ پيرزادو ڪجهه مهينن ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language