welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ 5 سال رعايت جو نوٽيفڪيشن پڌرو

ڪراچي: (خمیس 06 مارچ 2025ع)سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ 5 سال رعايت بابت نوٽيفڪيشن پڌرو ڪري ڇڏيو آهي،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري نوڪرين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حد ۾ 5 سالن تائين عام رعايت ملي وئي آهي، سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ چيف سيڪريٽري پاران عمر جي حد ۾ رعايت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو . عمر جي حد ۾ رعايت بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن 31 ڊسمبر 2026 تائين لاڳو رهندو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے