welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ انتهاپسندي کان آجي قرار: وفاق گيس پيدا ڪندڙ صوبي ۾ رمضان ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري: مرادشاهه

ڪراچي: (خمیس 06 مارچ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ انتهاپسندي کان پاڪ صوبو آهي، هتي ٿيندڙ دهشتگردي واقعن ۾ اندروني نه پر ٻاهريان سازشي ٽولا ملوث آهن،نئين برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سان ملاقات ۾ سنڌ جي ترقي پسند ۽ مستحڪم سماج بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ گڏيل ۽ مضبوط سماج آهي، هتي اقليتن کي برابري وارا حق حاصل آهن، ملاقات ۾ پاڪ-برطانيه لاڳاپن، ٻوڏ کانپوءِ زرعي شعبي جي بحالي ۽ صوبي کي درپيش مختلف سماجي-اقتصادي چيلنجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن چيو ته اسان پاران ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪرڻ سبب ڪڻڪ جو بهترين فصل لهي رهيو آهي. زرعي شعبي کي درپيش معاشي چيلنجن بابت هن چيو ته صوبائي حڪومت زرعي ٽيڪس کي 35 کان وڌائي 45 سيڪڙو ڪيو آهي، هن وقت پاڻي جي کوٽ، ڀاڻ ۽ دوائن جي وڌايل اگهن سبب زراعت هاڻي منافعي بخش پيشو نه رهيو آهي. هوڏانهن سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ پاران پٺتي پيل برادرين ۾ سولر هوم سسٽم ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت 2 لک گهٽ آمدني وارن گهراڻن ۾ سولر هوم سسٽم ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کيس وڌيڪ 3 لک سولر ڪٽون خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسان 270 ميگاواٽ جا سولر پاور پلانٽ/ پارڪ لڳائي رهيا آهيون، جيڪي 9.80 رپيا في يونٽ واري اگهه تي بجلي فراهم ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿي رهي آهي، اڳ ۾ ٿر جي ڪوئلي تي شڪ ڪندڙ هاڻ پاور پلانٽس کي امپورٽڊ بجاءِ ٿر ڪول تي هلائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي سيمنٽ انڊسٽري به درآمد ٿيندڙ مهانگي تيل جي متبادل طور ٿر جي ڪوئلي ۾ دلچسپي ڏيکاري پئي. اسان ٿر جو ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ پهچائڻ لاءِ ريلوي لائين وڇائي رهيا اهيون ، هن چيو ته سنڌ حڪومت چيني ڪمپنين سان گڏجي350 ۽ 75 ميگاواٽ جي ونڊ-سولر هائبرڊ انرجي پراجيڪٽس کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، صدر آصف زرداري جي چين جي تازي دوري دوران انهن رٿائن کي حتمي شڪل ڏني وئي، سنڌ جي وڏي وزير گهٽ آمدني وارن خاندانن کي 300 يونٽ تائين مفت بجلي فراهم ڪرڻ واري حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته جولاءِ 2025 تائين 2 لک سولر هوم ڪٽس ورهايون وينديون، هر ضلعي ۾ هر هفتي 400 ڪٽس ڏنيون پيون وڃن، هن وفاق کان سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ گيس تي پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي، وفاقي سرڪار کي اپيل ڪريون ٿا ته رمضان ۾ ماڻهن کي تڪليف نه ڏني وڃي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي 57 وڏين عمارتن کي سولرائيز ڪيو ويو آهي، توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو ته ايس ايڇ ايس کي هينڊز، سافڪو، سرسو جي مدد سان سنڌ جي 30 ضلعن ۾ ورهايو پيو وڃي،

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے