میروخان: (خمیس 06 مارچ 2025ع)ميروخان ويجهو چور لاشاري فيڊر جي 11 هزار وولٽيج جي ڇهن ٿنڀن جون تارون چوري ڪري ويا آهن.
ڳوٺ در محمد مستوئي کان ڳوٺ پنگريو بروهي تائين چور تارون لاهي کڻي ويا.
هڪ مهيني اندر ساڳئي لائن جون تارون چوري ڪرڻ جي پنجين واردات آهي.
علائقي واسين کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کڻائي هڪ مبينا چور کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڄاڻي واڻي سندن ڳوٺن جي لائن سازش تحت چوري ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language