اسلام آباد: (خمیس 06 مارچ 2025ع)نيپرا مهيني وار ايڊجسٽمينٽ ذريعي ملڪ گير بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي.
ڪراچي کانسواءِ ملڪ جي باقي علائقن لاءِ بجلي 2.12 رپيا في يونٽ گهٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن به ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن تحت صارفين کي مارچ جي بلن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رليف ملندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪي-اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جون قيمتون ڊسمبر 2024 جي ماهوار ترتيب ۾ گهٽ ڪيون ويون هيون، جڏهن ته ملڪ جي باقي علائقن لاءِ، جنوري 2025 جي ترتيب ۾ بجلي جون قيمتون گهٽايون ويون هيون.
ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي قيمت ۾ 4.95 رپيا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language