سڊني: (خمیس 06 مارچ 2025ع)آسٽريليا جي شهر گيلونگ کان سڊني ويندڙ جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان پوءِ هڪ هٿياربند نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مقامي ميڊيا موجب، مسافرن ۽ پائلٽ جهاز ۾ هڪ 17 سالن جي هٿياربند نوجوان کي پڪڙي ورتو، هٿياربند نوجوان وٽان هڪ شاٽ گن ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا.
واقعي جي هڪ وائرل وڊيو ۾، مسافرن ۽ عملي کي جهاز جي دروازي وٽ هڪ هٿياربند نوجوان کي روڪيندي ڏسي سگهجي ٿو.
واقعي کان پوءِ، سڀني 160 مسافرن کي محفوظ طور تي جهاز مان ڪڍيو ويو ۽ اختيارين طرفان هوائي اڏي کي بند ڪيو ويو.
مقامي ميڊيا موجب، هٿياربند نوجوان زميني عملو جي ميمبر جي روپ ۾ هو جيڪو سيڪيورٽي کان بچڻ ۽ سار سنڀال جي بهاني جهاز تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ حراست ۾ ورتل هٿياربند نوجوان وڪٽوريا رياست جو رهواسي آهي. ممڪن آهي ته نوجوان ايئرپورٽ سيڪيورٽي باڙ ذريعي جهاز تائين پهتو هجي. سيڪيورٽي باڙ ۾ هڪ سوراخ پڻ مليو آهي، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ته گرفتار نوجوان سيڪيورٽي باڙ ۾ سوراخ ڪيو هو يا نه.
پوليس موجب، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language