
اسلام آباد: (خمیس 06 مارچ 2025ع)وفاقي حڪومت جي جي آءِ ٽي سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگنڊا جي الزام ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سميت 15 ميمبرن کي طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، جي آءِ ٽي گوهر علي خان، سلمان اڪرم راجا، رئوف حسن، فردوس شميم نقوي، خالد خورشيد خان، ميان محمد اسلم اقبال، حماد اظهر، عون عباس، عاليا حمزه ملڪ، شهباز شبير، وقاص اڪرم، ڪنول شوزب، تيمور سليم خان، اسد قيصر ۽ شاهه فرمان کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن.
جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي 10 ميمبرن کي به سمن نوٽيس جاري ڪيا آهن. انهن شخصيتن ۾ آصف رشيد، محمد ارشد، صبغت الله ورڪ، اظهر مشواني، محمد نعمان افضل، جبران الياس، سيد سلمان رضا زيدي، زلفي بخاري، موسيٰ ورڪ ۽ علي حسنين ملڪ شامل آهن.
ذريعن موجب، سڀني ماڻهن کي نوٽيس ذريعي سڀاڻي 12 وڳي جي آءِ ٽي آڏو طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي انهن ماڻهن خلاف رياست مخالف پروپيگنڊا جي جاچ ڪندي.
واضح رهي ته جي آءِ ٽي آءِ جي اسلام آباد جي سربراهي ۾ جاچ ڪري رهي آهي. جي آءِ ٽي اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ 2016 جي سيڪشن 30 تحت ٺاهي وئي هئي. جي آءِ ٽي جو مقصد ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪرڻ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language