welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شهيد فاضل راهو جي اڄ 38 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

ڪڙيوگھنور: (جمعو 17 جنوري 2025ع)شهيد فاضل راهو جي 38 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي خبر موجب اڄ کان 38 سال اڳ سنڌ جي هارين، نارين، شاگردن، استادن، پورهيتن ۽ پيرن اگهاڙن ماڻھن، توڙي روشن خيال ماڻھن جي اڳواڻ شھيد محمد فاضل راهو کي 17 جنوري 1987ع ۾ قتل ڪري سنڌ کان ھميشه لاءِ ڌار ڪري ڇڏيو ھو، سنڌ جي شهيد محمد فاضل راهو جي 38 هين ورسي اڄ 17 جنوري تي راهوڪي ۾ملهائي ويندي، ورسي بابت جوڙيل ڪاميٽين جا انتظام سنڀاليندڙ اڳواڻن ۽ رضاڪارن طرفان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن، اڄ شھيد جا ساٿي ۽ شھيد جا فرزند، چاهيندڙن سان گڏجي شھيد جي مزار تي پهچي ڪلام پاڪ جي تلاوت سان جلسي عام جي شروعات ڪندا، جنهن کانپوءِ هڪ عظيم عاليشان جلسو منقد ڪيو ويندو، جلسي عام کي پ پ جي صوبائي قيادت ۽ شهيد جا فرزند ايم پي اي اسماعيل راهو ، اسلم راهو ۽ شهيدجا ساٿي سياستدان ۽ ٻيا خطاب ڪندا، شهيد فاضل جي مزار ڀرسان 80 فٽ ڊگهو ۽ 40 فٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويو آھي جلسي گاھه ۾ عوام جي ويهڻ لاءِ 20 هزار ڪرسين رکڻ جا به انتظام ڪيا ويا آھن ورسي جي ڪاميابي لاءِ جوڙيل ڪاميٽين طرفان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے