
ڪراچي: (جمعو 17 جنوري 2025ع)سنڌ ڪابينا 195 ٽيچنگ لائسنس رکندڙ استادن جي ڀرتي، 700 وڌيڪ استادن جون پوسٽون پيدا ڪرڻ، مادرعلمين ۾ ڪامورا وي سي مقرر ڪرڻ کانپوءِ پرڳڻي جي 9 تعليمي بورڊن ۾ ڪامورا چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ ضابطن ۾ ترميمون ڪرڻ ۽ 100 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪابينا وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته 50:50 سيڪڙو جي ڀائيواري سان فلڊ پروٽيڪشن پلان IV شروع ڪيو وڃي، ڪالهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته کدڙن فقير کي پڙهائڻ لاءِ ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي تيار ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪراچي واري پاڻي رٿا ڪي 4 جي خريداري کي سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جي في معاف ڪئي وڃي. استادن جي ڀرتي بابت ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تعليم جي معيار کي وڌائڻ لاءِ 2023ع ۾ ٽيچنگ لائسنس پاليسي منظور ڪئي وئي هئي. پهرين ٽيسٽ ۾ 646 اميدوار (195 نوان اميدوار ۽ 451 حاضر سروس استاد) پاس ٿيا، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ٽيچنگ لائسنس رکندڙ ان سروس ۽ پري سروس اميدوارن لاءِ ايليمينٽري اسڪول ٽيچر (BS-16) جون 700 نيون پوسٽون پيدا ڪيون ويون آهن ، سنڌ ڪابينا انهي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ تعليمي بورڊن جي ضابطن ۾ ترميم بابت ٻڌايو ويو ته نئين ترميمن تحت حڪومت کي بورڊ جي ڪنهن به ميمبر کي هٽائڻ جو اختيار هوندو. بورڊ کي اتي ڪم ڪندڙ ڪنهن به فرد کي ڪوبه فائدو، الائونس يا رعايت ڏيڻ جي اجازت نه هوندي. 3سالن لاءِ مقرر ٿيندڙ بورڊ چيئرمين مدو ختم ٿيڻ تي پنهنجي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي تاريخ کان ٽن سالن جي عرصي تائين عهدو سنڀاليندو، جنهن جي مدي ۾ وڌيڪ عرصي لاءِ واڌ ڪري سگهجي ٿي، ڪنٽرولنگ اٿارٽي بورڊ چيئرمين کي سڌي ريت ڀرتي ڪري سگهندي يا وري گريڊ 19/20 جي ڪيڊر آفيسرن کي چيئرمين مقرر ڪري سگهبو، سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته ٻوڏ کان بچاءُ واري منصوبي نيشنل فلڊ پروٽيڪشن 4(NFPP-IV): لاءِ 50:50 جي تناسب فنڊ ڏنا وڃن، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڻي وسيلن واري وزارت سنڌ حڪومت کي درخواست ڪئي هئي ته وفاقي فنانسنگ کي وفاقي ادارن جي منصوبن تائين محدود ڪيو وڃي تجويز ڪيل وفاقي فنانسنگ کي 77.533 ارب رپين تائين محدود ڪيو ويو آهي جيڪو 824.5 ارب رپين جي ٽوٽل ڪاٿي لاڳت جو رڳو 9.4 سيڪڙو آهي. اجلاس ۾کدڙن فقيرن لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌ ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي، اجلاس ۾ ڪي فور لاءِ سيلز ٽيڪس ۾ ڇوٽ جي منظوري ڏني وئي، ڌاٻيجي انڊسٽريل زون بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رٿا تي 10.6 سيڪڙو ترقياتي ڪم مڪمل ٿيو آهي. فيبروري/مارچ 2025ع کان صنعتي پلاٽن جو وڪرو شروع ٿيڻ جا امڪان آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاور چائنا انٽرنيشنل کان ڌاٻيجي جي ترقي لاءِ مفاهمت جي ياداشت نامي (ايم او يو) لاءِ درخواست ملي هئي، اها ڪمپني چين جي صنعتن کي راغب ڪرڻ لاءِ SEZMC جي تسليم ڪندڙ پارٽي آهي. ڪابينا سيڙپڪاري کاتي کي چيني ڪمپني سان ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل انرجي اينڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (اين اي اينڊ ٽي سي) ڪل 8,000 اليڪٽرڪ بسن (اي بي) لاءِ تجويز پيش ڪئي آهي، جيڪا 3 مرحلن ۾ لاڳو ڪئي ويندي، پهرين مرحلي ۾ پهرين سال ۾ ِ 500 بسون، ٻئي مرحلي ۾ 1,500 ٽئين مرحلي ۾ چئن سالن ۾ 4,000 کان 6,000 بسون هلايون وينديون، جنهن لاءِ چارجنگ انفراسٽرڪچر، ڊيپو، بس اسٽيشن ۽1 گيگا واٽ جو هڪ سولر پلانٽ تعمير ٿيندو .
ظهير عابد ميمڻ سنڌ رينيوئيبل انرجي ڪمپني جو چيف ٿيڻ ۾ ڪامياب
ڪراچي: سنڌ ڪابينا ظهير عابد ميمڻ کي سنڌ رينيوئيبل انرجي ڪمپني (پرائيويٽ) ليميٽيڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني، جيڪو اڳ ۾ ڊائريڪٽر (ايڊمنسٽريشن ۽ فنانس) طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.
حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي لاءِ 50 ڪروڙن جي خاص گرانٽ جو اعلان
ڪراچي: سنڌ ڪابينا مڪاني کاتي جي درخواست تي حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جي پينشن، پگهارن، سروس مراعتن جي بقايائن جي ادائيگي لاءِ 500 ملين رپين جي گرانٽ ان ايڊ جي منظوري ڏني.
ٿرڪول کان ڪراچي تائين پٽڙي وڇائڻ لاءِ 75 اربن جي رٿا جي منظوري
ڪراچي: سنڌ ڪابينا ريلوي وزارت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٿرڪول کان ڪراچي تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ واري 75 ارب جي رٿا جي 50:50 جي بنياد تي منظوري ڏني، جنهن هيٺ اسلام ڪوٽ (ٿر ڪول فيلڊ ) کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language