welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪيتن جا اثاثا ڪٿي آهن؟ محمد بخش مهر، ڌاريجي، هريرام سوڌو 15 ايم پي ايز معطل

ڪراچي: (جمعو 17 جنوري 2025ع)اليڪشن ڪميشن ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ سنڌ اسيمبلي جي 15 ميمبرن جي رُڪنيت معطل ڪري ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تان عورتن جي مخصوص سيٽ تي ميمبر ٿيل ٻن عورت ايم پي ايز سميت 15 ميمبرن جي رُڪنيت معطل ڪئي وئي آهي. گھوٽڪي 3 جي صوبائي تڪ پي ايس 20 جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير محمد بخش مهر، سکر جي پي ايس 22 جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير اڪرام الله ڌاريجو، خيرپور جي پي ايس 28 جي ميمبر ساجد ٻانڀڻ ۽ پي ايس 29 جي ميمبر شيراز شوڪت راڄپر جي اسيمبلي ميمبرشِپ معطل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته خيرپور جي پي ايس 31 تان جي ڊي اي ايم پي اي محمد راشد شاھ، ميرپور خاص جي ايم پي اي هريرام ڪشوري لال، عمرڪوٽ مان چونڊيل تيمور ٽالپر، حيدرآباد جي پي ايس 63 جي ايم پي اي ريحان راجپوت، ملير جي پي ايس 88 جي ايم پي اي اعجاز خان ۽ ملير جي محمد سليم بلوچ جي اسيمبلي رُڪنيت به معطل ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح ڪراچي ويسٽ جي ايم پي اي علي احمد، ڪراچي جي سينٽرل ضلعي جي پي ايس 129 جي جماعتي ايم پي اي حافظ نعيم الرحمان خان جي اسيمبلي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن اثاثا جمع نه ڪرائڻ تان 2 عورت ميمبرن حنا دستگير ۽ خيرالنساءَ مغل ۽ اقليتي ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي به اسيمبلي ميمبر شِپ معطل ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے