ٺڪراٺو: (جمعو 17 جنوري 2025ع)حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو روحاني سفر جي سلسلي ۾ ٺڪراٺو پهتو، جتي هن ڳوٺ الهرکيو مهر ۾ دعوت سانئلو ۾ سنڌ پنجاب سميت انڊيا جي مختلف علائقن مان آيل مريدن ۽ عقيدتمندن کي زيارت ڪرائي، ان موقعي تي پير پاڳاري خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ڀلي چئي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر ڪجهه به ٺيڪ ناهي، مهانگائي اڃا به وڌندي، زراعت ۾ ڪو خاص فائدو ناهي، هن چيو ته فصل جو ريٽ صحيح نٿو ملي، گذريل سال به ڪڻڪ پوکي هئي، جنهن جي مناسب قيمت نه ملي سگهي جنهن ڪري زراعت هاڻي پوئتي وڃي رهي آهي، هن چيو ته حڪومت پنهنجي ذاتي فائدي خاطر ٻاهران ڪڻڪ گهرائي عوام جي تباهي ڪئي، هن چيو ته پاڻي جي صورتحال به گهٽجندي وڃي ٿي، اڳتي ٿي سگهي ٿو پاڻي جي اڃا وڌيڪ کوٽ ٿئي، تنهنڪري ڪوشش ڪئي وڃي ته چوپايو مال ڌاريو، جنهن ۾ بچت آهي ۽ سنت رسول به آهي، هن چيو ته پنهنجي اولاد خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏيو، پاڪ فوج لاءِ دعا ڪيو، پنهنجي عقيدي ۽ مذهب تي قائم رھو، ڪنهن جي به عقيدي يا مذهب سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪيو، بعد ۾ پير پاڳارو پيرجوڳوٺ روانو ٿي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language