
حيدرآباد: (جمعو 17 جنوري 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪلارڪ، ڪانسٽيبل، ھيڊ ڪانسٽيبل ۽ ٻين جاين جي ڀرتين واري معاملي تي عاقب رند، پرويز علي، علي حيدر، نديم کوسو، غلام مھدي ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي ھڪڙو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. نامياري قانوندان سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو عدالت کي آگاهي ڏني ته نوجوانن امتحان پاس ڪيو، پٽيشن ۾ آيل نوجوانن کي اوچتو ٻڌايو ويو ته مٿن ايف آءِ آر داخل ٿيل ھئي تنھن ڪري کين نوڪري نه ٿي ملي سگھي. اداري جي ان آرڊر خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي. ان نوعيت جي ٻين ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ اھو فيصلو ڪيو ھو ته ايف آءِ آر جو داخل ھجڻ ايڏو وڏو سبب ڪونھي جو توھان ماڻھن کان نوڪري کسي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏنا ته ايف آءِ آر داخل ھجڻ ڪري توھان ماڻھن کان نوڪري جو حق نه ٿا کسي سگھو جيسيتائين سزا يافتا ھجي. سنڌ حڪومت ھر ريجن جي اھا لسٽ فراھم ڪن ۽ ضلعن ۾ انھن ڪيترن ماڻھن جا نوڪرين جا آرڊر روڪيا آھن. عدالت سنڌ حڪومت کي ھر ريجن جي اھڙن اميدوارن جي لسٽ فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جن تي ڪيس داخل آھن جنهن بعد ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language