welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

باجوڙ: پاڪ افغان سرحد تي سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)باجوڙ جي علائقي بٽوار ۾ پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب باجوڙ جي علائقي بٽور ۾ پاڪ افغان سرحد تي ٽن دهشتگردن جي نقل و حمل کي ڏٺو ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ سڪيورٽي فورسز ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، بارودي مواد ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اتر وزيرستان جي ضلعي اسپن وام ۾ افغانستان مان دهشتگردن پاڪستاني سرحدي چوڪي ​​تي فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي نقصان پهتو، فائرنگ جي تبادلي ۾ نائيڪ عبدالرئوف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغان عبوري حڪومت کي بارڊر مئنيجمينٽ کي موثر بڻائڻ جو بار بار چيو آهي، اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے