welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مون کي وڏي آواز ۾ صدر نه سڏ، نه ته مولانا ٻڌي، زرداري جي لياقت بلوچ سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ جي دعوت تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. مولانا فضل الرحمان جي موجودگي ۾ لياقت بلوچ اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ته ”مسٽر صدر پاڪستان“ ڪيئن آهي؟ جنهن تي آصف علي زرداري جواب ڏنو ته يار بلوچ وڏي آواز ۾ مون کي صدر نه چئو متان مولانا ٻڌي ڇڏي، مولانا فضل الرحمان اهو ٻڌي ناراض ٿي ويندو. اڳوڻي صدر جي بيان تي مولانا فضل الرحمان سميت اتي موجود سمورا سياسي اڳواڻ کلڻ لڳا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے