welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کانسواءِ ٻين کي به اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي: سعيد غني

ڪراچي: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کان علاوه پي ٽي آءِ جي ٻين ماڻهن کي به چونڊن ۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته چونڊ وڙهڻ سڀني پارٽين جو حق آهي، چونڊون ذاتي دشمني نه آهن، تڪرارن کان پاسو ڪيو وڃي. سعيد غني چيو ته اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته مخالفن جي درخواست تي بدلي نه ڪئي وڃي، آفيسرن کانپوءِ مخالف ڌر جي خواهش تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي بدلي ڪئي وئي. پ پ اڳواڻ وقار مهدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي جدوجهد جو نتيجو آهي ته چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، پيپلز پارٽي چونڊون چاهي ٿي، باقي سڀ چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے