welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جو فلسطيني ٻارڙو شهيد ٿي ويو

ويسٽ بينڪ: (اڱارو 06 جون 2023ع)فلسطين ۾ اسرائيلي فوج جي جارحيت جو سلسلو بند نه ٿيو، والاريل ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جو فلسطيني ٻارڙو شهيد ٿي ويو. فلسطيني اختيارين موجب پهرين جون تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جي محمد التميمي زخمي ٿي هئي. محمد التميمي، جيڪو اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، سومر تي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي تي فلسطيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي ڪاررواين بابت اسرائيلي جاچ تي ڪو به ڀروسو ناهي، فلسطيني ٻارن تي اسرائيلي ڏوهن جي عالمي جاچ جو مطالبو ڪن ٿا. فلسطيني صحت واري وزارت موجب ويسٽ بئنڪ ۽ غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب هلندڙ سال هن وقت تائين 158 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے