لاھور: (اڱارو 06 جون 2023ع)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته اڄ پيپلز پارٽي جي حالت 2018 جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، ڪارڪنن جي حق ۾ فيصلا ڪيا ويندا، پ پ عورت ونگ جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.
ڪالهه اڱاري ڏينهن پيپلز پارٽي وومين ونگ پنجاب جي وفد ثمينه خالد گهرڪي جي اڳواڻي ۾ آصف علي زرداري سان بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي.
وفد سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته هو تمام جلد لاهور ۾ پنهنجي ڪيمپ لڳائيندو، 2018 جي مقابلي ۾ اڄ پيپلز پارٽي جي حالت بهتر آهي.
هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت شازيه مري ۽ وومين ونگ جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي.
ان کان علاوه پيپلز پارٽي جي عورت ونگ قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ڪارڪنن کي اوليت ڏيڻ تي زور ڏنو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته ثمينه خالد گهرڪي ۽ ٻين عورت اڳواڻن جي مطالبن تي همدردي سان غور ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language