ریاض: (اڱارو 06 جون 2023ع)سعودي عرب هڪ تيز رفتار ٽرين جو منصوبو ٺاهيو آهي جيڪو 1,78 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ورجن هائپر لوپ ڪيپسول ٽرين ۾ جده کان مڪي تائين جو سفر صرف 5 منٽن ۾ پورو ڪيو ويندو.
رپورٽن مطابق اها ٽيڪنالاجي هڪ آمريڪي ڪمپني متعارف ڪرائي آهي، جنهن ذريعي هاڻي تمام آسان ۽ گهٽ وقت ۾ سفر ڪري سگهجي ٿو.
سعودي ميڊيا موجب هي جديد تيز رفتار منصوبو 2030ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language