welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

يونان: اسرائيلي هدفن تي حملن جي رٿابندي ڪندڙ ايراني نژاد 2 پاڪستاني گرفتار

اٿينس: (اربع 29 مارچ 2023ع) یونان جي راڄڌاني ايٿنس ۾ سيڪيورٽي فورسز اسرائيلي هدفن تي حملن جي رٿابندي ڪرڻ جي الزام ۾ ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل ايران تي سازش جو الزام لڳايو آهي ۽ چيو آهي ته ايران ٻاهرين ملڪن ۾ اسرائيلي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف يوناني پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ايراني نژاد پاڪستاني آهن، جن جي عمر 27 ۽ 29 سال آهي. پوليس موجب جوابدار 4 مهينا اڳ ترڪي مان غير قانوني طور يونان ۾ داخل ٿيو هو، سيل جو ماسٽر مائينڊ پاڪستاني آهي جيڪو يورپ کان ٻاهر رهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ماسٽر مائينڊ ايران ۾ رهي ٿو، گرفتاري ۾ اسرائيلي ڳجهي اداري موساد يوناني پوليس جي مدد ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے